اوچتو جي سنڌي معنيٰ
بيخبريءَ ۾، اچانڪ، ناگھان، اتفاق سان. اُمالڪ، يڪدم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Suddenly, unexpectedly, accidentally, by chance, fortuitous, fortuitously, sudden, unawares.
اوچتو جا بيتن ۾ حوالا
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 17 ]
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 17 ]
اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي،
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ،
سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 12 ]
اَڏِيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪا نَہ ڪِي،
لاکو مَٿان تَنِ، اوچتو ئِي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 25 ]
لاکو مَٿان تَنِ، اوچتو ئِي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 25 ]
حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ،
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]