اولاڪو جي سنڌي معنيٰ
ساڙو. اُلڪو، فڪر، ڳڻتي، لُڇ، ساڙُ، پَچُ، کامَ. پريشاني، رولڙو، ڏوجهرو. مصيبت. تڪليف انتظار. ڏک.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Care, anxiety, grief.
اولاڪو جا بيتن ۾ حوالا
نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 1 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 1 ]
پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري آئُون سُڪو،
دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو،
آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 12 ]
دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو،
آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 12 ]
لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي،
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو،
ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو،
ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 12 ]
ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو،
ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 12 ]
English Meaning
Care, anxiety, grief.