آڳانڍو جي سنڌي معنيٰ
ڀرجهلو. ٽيڪ. مدد .ڳانڍاپو، آسرو، آڌار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A protector, support.
آڳانڍو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي،
ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳانڍو اَئِين آھِيو،
پاسي ۾ پَرِٽِ جي، جيڪي اُٺَ جُهڪايو،
وِلَهِيءَ جي وِھانءَ ۾، واڄَٽَ سَڀَ وَڄايو،
اُگَهاڙِي آتَڻ ۾، پَنھِنجِي پاڻَ پَراھِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، صُورَتَ کي مَ سَڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَھَرَ جا، مَعذُورِ کي مَرڪايو،
پُنهونءَ ڄامَ پَريٽِ سين، ويھِي سُورَ وِرَھايو،
لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندي گهوٽَ وَناھِيو،
پُنهونءَ ڄاڃِيَڙَنِ کي، رَڌي کيڻَ کارايو،
پَرَڻائي پُنهونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙايو،
ٻيلِي ٿِي ٻانڀَڻِ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکاريو.
[ سُر آبڙي، وايون، 3 ]

اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَھا مَ ڪاھِيو،
جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو،
لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 2 ]
جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو،
لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 2 ]
توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي،
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 14 ]
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 14 ]
English Meaning
A protector, support.