ڏِنو جي سنڌي معنيٰ
حوالي ڪيو، ڏنائين، سپرد ڪيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Given, handed over.
ڏِنو جا بيتن ۾ حوالا
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو،
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو،
تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 10 ]
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو،
تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 10 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]
سُورَنِ سانگهارو، ڏُکِيءَ ڏِنو ڪونَہ ڪو،
آيَلِ اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَھي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 14 ]
آيَلِ اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَھي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 14 ]
سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڏِنو،
ٻائِڙَ ٻوڙَ وَھَنِ، ڪالُهُوڻِئا اَڄُ گهَڻو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 15 ]
ٻائِڙَ ٻوڙَ وَھَنِ، ڪالُهُوڻِئا اَڄُ گهَڻو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 15 ]
مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
پاسِنگُ جَنھِن پيشِ ڪِئو، تَنھِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 9 ]
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 9 ]
ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي،
مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 10 ]
مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 10 ]
ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو،
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]
English Meaning
Given, handed over.