ڏَھَ جي سنڌي معنيٰ
هڪ انگ يا عدد جو نالو، نوَن 9 کانپوءِ ايندڙ انگ 10، پَنجَ واڌو پَنجَ، ڏهن ايڪنَ جو جوڙُ، هڪ ڏهاڪو، دَه.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Equivalent to the product of five and two; one more than nine; 10.
ڏَھَ جا بيتن ۾ حوالا
چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن،
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]

مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا ٿو رِڻُ وَھي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 10 ]

مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ،
پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ،
چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سوڍو مَٿان تَنِ، اوچتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 11 ]

تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ،
وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 5 ]

تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 1 ]

نَوَ نِيَرَ ڏَھَ ڏاوِڻِيُون، پَنِرَھَ پَئِندَ پَياسِ،
سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇرڪِ ڇِنائِين ھِڪِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 27 ]

آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]

ڀيرَڻَ کان جَنِ ڀانيو، تَنِ ڪاپائِتيَنِ ڪاڻِ،
تُنھِنجو ٽِسَئين مَٿي تُرانِ، ھِتِ ٿِيُون ڏَڪَنِ ڏَھَ سَئين واريون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 15 ]