چُوندَءِ جي سنڌي معنيٰ
ڳالهائيندَئي، آکيندئي، ٻڌائيندئي (وات مان ڪجهہ لفظ ڪڍڻ ، ٻُڌائڻ. نصيحت ڪرڻ. تنبيھ ڪرڻ. چيو، چوندو، چَيَل. هدايت ڪرڻ، فرمان ڏيڻ، امر ڪرڻ، حڪم ڪرڻ. نصيحت. اسم چَوڙُ).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
They will tell you, inform you, suggest you
چُوندَءِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 2 ]
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 2 ]
لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون سُوڀِي سِکِيين،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 7 ]
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 7 ]
English Meaning
They will tell you, inform you, suggest you