چيٺي جي سنڌي معنيٰ
ملم ڪري، زخمن جو علاج ڪري، ملم پٽي ڪري. خبرداري ڪري، سنڀال لھي. تِيمارداري ڪري، خدمت ڪري. ڌيان ڏيئي يا ڪري، خيال ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dressing and bandaging, nursing care and attendance of patient.
چيٺي جا بيتن ۾ حوالا
اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جٖي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ،
تَرسِي طَبِيبَنِ، چيٺي ھُوندَ چَڱا ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 4 ]
تَرسِي طَبِيبَنِ، چيٺي ھُوندَ چَڱا ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 4 ]
وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جٖي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھندِي تَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 15 ]
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جٖي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھندِي تَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 15 ]
ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري،
مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جان ڪي جَهِليان بيٺِ،
مُون سين ڪَري ميٺِ، وِئو وَڻِجارو اوھرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 8 ]