ڀَلو جي سنڌي معنيٰ
چڱو، سُٺو. تمام سٺو، اوچو. نيڪ، ڀلارو. ٺاهوڪو، سهڻو. نيڪ، سکر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good, excellent, kind, benevolent.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڀَلو جا بيتن ۾ حوالا
ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾،
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ،
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو،
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
ھَلو ۽ مَلهو، ڏُکُ مَ پَسو ڏوٿِئا،
سُونھون جو ساٿَنِ جو، سو مُون ھوتُ سَلو،
آن پُڻ ٿِيي ڀَلو، آئُون پُڻ گَڏِجا پِرِينءَ کي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 25 ]
سُونھون جو ساٿَنِ جو، سو مُون ھوتُ سَلو،
آن پُڻ ٿِيي ڀَلو، آئُون پُڻ گَڏِجا پِرِينءَ کي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 25 ]
ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي،
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 1 ]
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 1 ]
مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون،
ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان،
ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو،
ھَنڌَ حَويلِيُون حُجرا، پِڙُ پِيراڻون خاصو،
سَيِّدُ سَڀَنِئان سُھِڻو، نُورُ نَبِيءَ جو خاصو،
جَنِ ڪَڍِئو تَنِ ڪوٺِئو، ٿِئَڙو لوڪَ تَماشو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 4 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ،
سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ،
اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،
سَتِيءَ جي سَيِّدُ چئَي، ڪا ساڻيھَ مَنجِهہ سَنڀالَ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لوئِي لاھِ مَ لالَ،
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 2 ]

ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي آھِيان،
آئُون آھِيان جيڏِيُون.
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان،
پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين اُٺايان.
[ سُر ديسي، وايون، 19 ]
آئُون آھِيان جيڏِيُون.
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان،
پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين اُٺايان.
[ سُر ديسي، وايون، 19 ]
ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ،
جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين اِحسانَ،
اَلتحِياتُ للہِ والصَلَواتُ والطيباتُ ، چَئِي ساراھيائين سُبحانَ،
جِھَڙو ڀَلو ڀانُ، تِھَڙا ڏانَ ڏِياچَ جا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 12 ]