پَل پَل جي سنڌي معنيٰ
گهڙي گهڙي، دم بدم، پل پل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Every moment, repeatedly.
پَل پَل جا بيتن ۾ حوالا
پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]

سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ،
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]

دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ،
آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ،
جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، ماتَمُ مَچائِين،
خَطِرا سَڀَ کانئينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 8 ]

پَل پَل ٿِي پَليانسِ، پَلَڪُ نَہ رَھي پِرِينءَ ري،
جَنھِن جهورِيءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِئو تَنھِن جهوريءَ پَئي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 16 ]

ھِنَ پَٽَنِ تي پَدمَڻِيين، ٿي پَل پَل نازَ ڪِئا،
رَبُ اُنِ کي يادِ نَہ ھو، پَنھِنجي حِرصَ وِچان،
پَسو پَڊانِ جا، ڪَرَ نَہ ھُئا ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 29 ]