وِھاٽي جي سنڌي معنيٰ
موڳا ڪري، بي ھوش ڪري. زهر ڏيئي، زهر وجهي، وهاٽي مارڻ. اوراٽڻ، منجهائڻ، ٻوساٽڻ. بيمار ڪرڻ، نھوڙڻ، غش ڪرڻ، بيھوش ڪرڻ، بيھوش بنائڻ، مُنجهائڻ، موڳو ڪرڻ، ڳھر ۾ وجهڻ. هڻي پورو ڪرڻ. گهُٽڻ. تمام گهڻو نشو ڪرڻ. (وهاٽيو، وهاٽيندو ، وهاٽيل).
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Poisoned, weaken, sedate, senseless
وِھاٽي جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
English Meaning
Poisoned, weaken, sedate, senseless