ويٺو جي سنڌي معنيٰ
ويٺل، پلٿيل (ويھڻ مان زمان ماضي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seated.
ويٺو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ،
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
ڏَمَ کُٽَنَئِي ڏِينھَن،ويٺو جِيئَن وِلَلِيين،
مَڇِيءَ مارَڳَ لائِيا، ھَڏَنِ مَٿان ھِينئَن،
سي قَولَ ڀَڃَندِيَسِ ڪِيئَن، جي ٻَڌَمِ ٻيلايَنِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 19 ]

ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

ويٺو آھي واٽَ تي، ڪُتو ڪُتِيءَ وَٽِ،
پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 15 ]

اَڄُ پُڻ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ،
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]

ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو پُڇين پَرُ،
اَڄُ آديسِي مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀَڪو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 23 ]

ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،
بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو کِلُ،
غُراۡبُ نَہ غافِلُ، جَنھِن تَنا تُنڪا لايا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 33 ]

ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين،
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]