مُھَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڦُرينِ، لُٽَينِ. مُسائين. رنج ڏين. عذاب ڏين. فنا ڪن. ناس ڪن. بيھوش ڪن،. پيار ۾ مست ڪن، گرويدہ بڻائين، فريفته ڪن، مَسحور ڪن. پاڻ ڏي ڇڪين، موھت ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cause to loss, injury or annoyance by stealing or removing anything.
مُھَنِ جا بيتن ۾ حوالا
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
ڪُھَنِ تانْ ڪَرَ گُهرا، ڪَرَ لَھَنِ تانْ ڪُھَنِ،
سيئِي مانۡ مُھَنِ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 20 ]
سيئِي مانۡ مُھَنِ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 20 ]
English Meaning
To cause to loss, injury or annoyance by stealing or removing anything.