مَذڪُورَ جي سنڌي معنيٰ
ذڪر ڪيل، ذڪر ٿيل، موصوف. جنھن بنسبت ڳالهہ ڪجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Remembered, recorded, related, mentioned, said, expressed, fore-mentioned, aforesaid, afore-named.
مَذڪُورَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِيين،
پَرِٽِ پھرِين پُورَ، نيئِي پَھچائِي پِرِينءَ کي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 22 ]
پَرِٽِ پھرِين پُورَ، نيئِي پَھچائِي پِرِينءَ کي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 22 ]
سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون،
راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 9 ]
راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 9 ]
جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ،
عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ،
مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ نَہ پيئِي بُوءِ،
الحُبُّ في اللَّهِ والبغضُ في اللَّهِ ، خاصِي سَندِيَنِ خُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 5 ]

مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ،
سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ،
سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 7 ]