لَڳو جي سنڌي معنيٰ
لاڳاپو ٿيو، نسبت ۾ آيو، واسطيدار ٿيو، لاڳاپيدار ٿيو. کُپيو، (کوڙجڻ، جُڙڻ، بيھڻ، پورو ويھڻ، ٺَھڪڻ، ٽِڪڻ، چُھٽڻ، چنبڙڻ، ڳنڍجڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be applied, apply, be fixed, attached, be close, adjoin, touch, be employed, reach, close, appertain, join. v. .a Strike, taste.
لَڳو جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون ڪَري جوڙُ،
سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ،
لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو پُنهون پورُ،
آرِياڻِي اَتورُ، وِساري ڪِيئَن ويھِي رَھان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 4 ]
سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ،
لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو پُنهون پورُ،
آرِياڻِي اَتورُ، وِساري ڪِيئَن ويھِي رَھان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 4 ]
ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ،
ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ،
گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ،
ٻَڌا ڏورِيءَ وَڃَنِ چورِيءَ، اُنِ جا کُرَ نَہ کُڙِڪو ڪَنِ،
تَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، توڻي ڪامُنِ سان ڪُٽِجَنِ،
ٽوري ٽَڪَرِ چاڙِھِئا، ساجُهرِ سَرواڻَنِ،
اَللہ اُٺَ اَچَنِ، جَنِ پُنهون نِيو پاڻ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 11 ]

لَڳو مَنجِهہ لَڪَنِ آيَلِ تازو پيرُ پُنهونءَ جو،
نَڪِي واؤ وِڃايو، جهورِئو تان نَہ جَهڪُنِ،
بورائُو بَرَنِ جو، ريڙِھي مَنجِهہ رِڃُنِ،
کِھَ کَٿُورِئان اَڳَرِي، ھاڻِي جا ھوتَنِ.
[ سُر حسيني، وايون، 3 ]
نَڪِي واؤ وِڃايو، جهورِئو تان نَہ جَهڪُنِ،
بورائُو بَرَنِ جو، ريڙِھي مَنجِهہ رِڃُنِ،
کِھَ کَٿُورِئان اَڳَرِي، ھاڻِي جا ھوتَنِ.
[ سُر حسيني، وايون، 3 ]
ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون،
مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 25 ]
مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 25 ]
وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو،
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي،
لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن،
تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن، قَرِينُو قَرِيبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 12 ]
لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن،
تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن، قَرِينُو قَرِيبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 12 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ،
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]
ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي،
لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي،
ھَلِئا وِئا ھِنگِلاچَ ڏي، راوَلَ راتِ رَچِي،
ڪَرِئو ساکَ سَچِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 22 ]