لَڳا جي سنڌي معنيٰ
لاڳاپو رکڻ، نسبت رکڻ، واسطيدار ٿيڻ، لاڳاپيدار ٿيڻ. کُپڻ، کوڙجڻ، جُڙڻ، بيھڻ، پورو ويھڻ، ٺَھڪڻ، ٽِڪڻ، چُھٽڻ، چنبڙڻ، ڳنڍجڻ (هڪ ٻئي سان) لڳڻ، گسڻ (بجا گهڙيال جا) وڄڻ، ٺڙڪڻ، وقت گذرڻ. چُڀڻ، ڦھڪڻ. ٽڪرڻ
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To be applied, apply, be fixed, attached, be close, adjoin, touch, be employed, reach, close, appertain, join. v. .a Strike, taste.
لَڳا جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين،
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]
لَڪِيُون آن لَڳا، ڪِ پَلَؤَ پانڌِيَنِ جا،
تُھان گَهڻيرو ماءِ، رُوَندا اُوءِ رَتُ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 11 ]
تُھان گَهڻيرو ماءِ، رُوَندا اُوءِ رَتُ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 11 ]
ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا،
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي پَٽِ وِئا،
جَهلُون پَلُون پائِيين، مَتِ نَہ آڇِيين ڪا،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، لورِي لالَ لَڳا.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 5 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا،
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي پَٽِ وِئا،
جَهلُون پَلُون پائِيين، مَتِ نَہ آڇِيين ڪا،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، لورِي لالَ لَڳا.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 5 ]
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ،
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]
پِرِيَنِ پاتا پيرَ، آئُون ڪيرَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيون، هَي پَکا هَي پَٽَ،
ڪي ڏِينھَنِ هِتِ جيڏِيين، ٿي موڪَ وِلوڙَئا مَٽَ،
سي هَنڌَ پَسي سُومَرا، گَهاوَ لَڳا مُون گَهٽَ،
مارُو هُئا مِٽَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 5 ]