فِڪرَ جي سنڌي معنيٰ
سوچ، ويچار، خيال، سانگو، غور، تامل، خوض، ڌيان. اوٽ، اونو، انتظار، اوسيڙو، انديشو، رنج، غم، ملال، ڏک.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
thinking, rationalization, pondering, contemplation, anxiety, worry, apprehension
فِڪرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا،
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ،
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 2 ]
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 2 ]
چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ جِي تَنوارَ،
وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ،
مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 8 ]
وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ،
مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 8 ]
چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ،
سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ،
سَنگَتِ سَنوارِينِ گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 20 ]
سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ،
سَنگَتِ سَنوارِينِ گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 20 ]
ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ لاءِ،
فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 26 ]
فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 26 ]
English Meaning
thinking, rationalization, pondering, contemplation, anxiety, worry, apprehension