سُوڌو جي سنڌي معنيٰ
سِڌو، سنئون، سنئون سِڌو. سُبتو. اُڀو، کڙو. ٺيڪ، برابر، درست، صحيح، پورو. بجا. ايماندار، سچو، سُپتيو، سچار. سولو، سڦرو، سريکو، پورو پورو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Straight, honest, candid, level, upright. With, along with, accompanied by, associated with, until, up to, till, included, inclusive of.
سُوڌو جا بيتن ۾ حوالا
مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 2 ]
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 2 ]
سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو ڪَھيائُون،
ھُوءِ جٖي ھَنيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 15 ]
ھُوءِ جٖي ھَنيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 15 ]
ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَہ سُڻِينِ،
اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 25 ]
اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 25 ]
لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ،
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 8 ]
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 8 ]
سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ تَواضِعُ تو نَہ،
ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ،
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَہ، اِنَ ڦوڪِيءَ ڌوتي فائدو.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 19 ]
ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ،
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَہ، اِنَ ڦوڪِيءَ ڌوتي فائدو.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 19 ]
اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ،
توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، اِيءَ واتِ ڪَرياڙِي ڏِينسِ،
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِٱللّٰهِ ، اِيءُ چاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
اِنهين حالِ ھَلائِينس، تَہ سُوڌو وَڃي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 8 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ،
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]