سُرَھو جي سنڌي معنيٰ
خوشبودارُ، سُڳَنڌُ، سڳنڌيو. وڻندڙ. سٺو. پختو. اَثر وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fragrant, sweet smelling odorous, odoriferous, prosperous any thing not person. Good, pleasing, whose obsequies have been fully performed.
سُرَھو جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو،
پَٻُ پارَسَ ھوتَ پُنهونءَ، سَڀَيئِي سونُ ڪِئو،
سُرَھو ساٿُ سَيِّدَ جو، واسي وِندُر وِئو،
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، اِي قَضا ڪَمُ ڪِئو،
آھي عَبدِالْلَطِيفَ جو، سَڌَرَ ساڻُ سِهو.
[ سُر حسيني، وايون، 17 ]

پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ،
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]

ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ سُرَھو نَہ ڪِئو،
ڪَنبِي وِئا ڪِيرَتِيا، ڪُوماڻا ڪُماچَ،
جَا وِندُرَ وائِي واچَ، موھِيو تَنھِن مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 11 ]

سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ،
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]

سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ،
سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 4 ]

ھَنجَ مِڙيئِي ھَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناھِ ڪو،
جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 7 ]

ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]