اُجاري جي سنڌي معنيٰ
صاف ڪري، چمڪائي. ڌوئي پوئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cleaned, washed.
اُجاري جا بيتن ۾ حوالا
مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا، سي پِٽِيو ڪَڍَن پَارَ،
جيڏِيُون ھِنَ جُهونجهارَ، اُجاري اَڇا ڪِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 19 ]

سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾،
واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن،
نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 12 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]