اوڳِي جي سنڌي معنيٰ
موڳي، چرِي، بي عقل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lunatic, mad, sensless
اوڳِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ،
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي اَڄُ نِھارِيين،
سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 16 ]
سيڻَنِ تو نَہ سَنڀالَ، تُون ٿِي سارِينِ تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 16 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ،
اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنھِن ڀالِ مِڙين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 3 ]
اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنھِن ڀالِ مِڙين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 3 ]
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن اوڳِي ڏِٺَئِي اُٺَ،
ڏانيُئِي نَہ ڏاگهَنِ کي، اورِي ساڻُ اَڳَٺَ،
ھُوندَ نَہ تُنھِنجي ھَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 12 ]
ڏانيُئِي نَہ ڏاگهَنِ کي، اورِي ساڻُ اَڳَٺَ،
ھُوندَ نَہ تُنھِنجي ھَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 12 ]
English Meaning
Lunatic, mad, sensless