آجِي جي سنڌي معنيٰ
آزاد، ڇُٽل. بي تعلق. واندي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Free, at liberty, emancipated, disengaged.
آجِي جا بيتن ۾ حوالا
راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين،
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]
سَمُو تَنِ سَڏَ ڪَري، جَنِ تي وَڏو ويرُ،
اُٿِي تَہ آجِي ٿِيان، پاءِ پاڳوڙي پيرُ،
تو ريءَ ٻِئو ڪيرُ، سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 5 ]
اُٿِي تَہ آجِي ٿِيان، پاءِ پاڳوڙي پيرُ،
تو ريءَ ٻِئو ڪيرُ، سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 5 ]
نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، روئِي رَتُ ٿِئا،
جي ھَٿان ھوتَ وِئا، سي اَچَنِ تَہ آجِي ٿِيان.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 9 ]
جي ھَٿان ھوتَ وِئا، سي اَچَنِ تَہ آجِي ٿِيان.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 9 ]
ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ،
جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ،
مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 9 ]
جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ،
مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 9 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
(Persian)
????? ?z?d? , Liberty; freedom from worldly cares; praise, thanksgiving.
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Free, at liberty, emancipated, disengaged.