ھِيرَ جي سنڌي معنيٰ
ٿڌي هوا، وڻندڙ هوا، ٿڌڙي هوا. سج اڀرڻ کان اڳ واري هوا، مِينھن کان پوءِ لڳندڙ هوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Breeze, a pleasing gentle wind.
ھِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين،
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ،
ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 17 ]
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ،
ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 17 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ،
سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ،
تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،
جٖي فَنا ٿِئا فَقِيرَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 4 ]