ڪَتَڻَ جي سنڌي معنيٰ
ڪَرتنَ، ڪَتَڻُ ڏاس، ڪپھ، سِڻِي وغيرہ کي ڍيري يا چرخي وسيلي. وڪڙ ڏيئي ڌاڳو تيار ڪرڻ، سُٽ تيار ڪرڻ، ڌاڳو ٺاهڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Spinning. Making threads from cotton or jute.
ڪَتَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَتَڻَ جِي ڪانَہ ڪَريين، سُتِي ساھِيين ھَڏَ،
صُباحَ اِيندِيَئِي اوچِتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏَ،
جِتِ سَرَتِيُون ڪَندِيَئِي سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سِينگارَ کي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 5 ]
صُباحَ اِيندِيَئِي اوچِتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏَ،
جِتِ سَرَتِيُون ڪَندِيَئِي سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سِينگارَ کي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 5 ]
سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن،
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن،
تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون وَڏِي ٿِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 9 ]
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن،
تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون وَڏِي ٿِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 9 ]
ڪيڏانھَن ڪَتَڻَ وارِيُون اولاڻِيَنِ اَرٽَ،
لُڙجَنِ لاکيڻِيُنِ جُون، پَھِيُون مَٿي پَٽَ،
اوبَڻُ ۽ اَرٽَ، ڇَڏي پيٺِيُون ڇَپَرين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 33 ]
لُڙجَنِ لاکيڻِيُنِ جُون، پَھِيُون مَٿي پَٽَ،
اوبَڻُ ۽ اَرٽَ، ڇَڏي پيٺِيُون ڇَپَرين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 33 ]
English Meaning
Spinning. Making threads from cotton or jute.