ڏِٺاسُون جي سنڌي معنيٰ
ديکياسُون، ويکياسُون، پسياسُون، اکين سان ماڻياسُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have seen, looked, watched.
ڏِٺاسُون جا بيتن ۾ حوالا
جَا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين،
ڊِنگَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 5 ]
ڊِنگَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 5 ]
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ،
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا ھُونگَ نَہ ھُون،
سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي مُلاقاتِ ڪِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 4 ]
سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي مُلاقاتِ ڪِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 4 ]
English Meaning
Have seen, looked, watched.