چَڪاسِينِ جي سنڌي معنيٰ
جاچ ڪن، تپاسي ڏسن، چڱيءَ طرح ڏسن، پرکن، امتحان وٺن، آزمائين، چِتائين، پڌرو ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To spy, watch with artifice, inspect, investigate, scrutinize, look close, take care.
چَڪاسِينِ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا،
وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 17 ]