ٿِيندَءِ جي سنڌي معنيٰ
ھوندئي، ٿي پوندئي، موجود ٿيندا، ھوندا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will be there, well be
ٿِيندَءِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]