ٿِيءُ جي سنڌي معنيٰ
ٿي پئو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be
ٿِيءُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ واڻيندَلَ وِچَ ۾،
جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 13 ]

ڏُونگَرَ مُنھِجي ڏُکَ جو، تان تُون واقِفُ ٿِيءُ،
وَٽان وَٺِي وِئا، پَهَسُ مُنھِنجو پِيءُ،
ڀَڄِي پَراھُون ٿِيءُ، ماتان سَڙين پِريان جي سُورَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 16 ]

چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]

جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ وانءُ نِرجا نِڪِري،
ڪوھُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِيين، جَا نَہ سَھَندين سِيءُ،
ڀَڄُ پَرانھُون ٿِيءُ، مَتان ٻِئا لَڄائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 12 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي وِجُهہ مَ جِيءُ،
ھَنجَ حُضُورِي ٿِيءُ، تَہ ماڻِيين ڪُونرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 15 ]

ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]

ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]

آٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين،
پَسِين سي نَہ ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 28 ]