پَچَنِ جي سنڌي معنيٰ
سڙن، کامن، پڄرن، جلن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bake, ripe, on fire, roast, burn
پَچَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]

لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]

غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ،
ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ،
ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلۡقُوَّةِ ٱلۡمَتِينُ ، سامِيَنِ سَڏَ سُڄَنِ،
جوڳِي جُنگَ جَلَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 19 ]

کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪَنھِن جَنھِن عادَتَ اُڀِيُون،
پييُون پَچَنِ پَرِ ۾، کُوري جِيئَن کامَنِ،
لاٽُون ڪِئو لُوسَنِ لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 21 ]

سو مُون آهي سُومَرا، ورِهُه ويڙِهِيچَنِ،
گولُو گولاڙَنِ جُون، پائُرِ ٿِيُون پَچَنِ،
مَنَ اُتان ڪي اَچَنِ، مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 7 ]

جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ،
تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ،
ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ نَہ مِٺا ڀانيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 11 ]

توڙي تُوتَ پَچَنِ، کَنجُورِيُون لامُون ڪَري،
ساءِ نَہ تَنھِن اَچَنِ، سَڱَرُ جو ساڻيھَ جو.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 12 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]