پَنڌِ جي سنڌي معنيٰ
پيرين پيدل، پيادل، پيادي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pedestrian, afoot, on foot.
پَنڌِ جا بيتن ۾ حوالا
نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا،
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 7 ]

اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 12 ]

پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ،
ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ،
جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِياڻَ،
ٿِي ھيڪاندِي ھاڻِ، لالَڻَ سان لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 22 ]

ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَلِ سين، رُچِي رُوحَ رِھاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 13 ]

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھوتاڻِي ھِنَ ھَنڌِ،
تو سين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 5 ]

سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو وِجُهہ وَڻين،
تُنھِنجِي پَنڌِ گَهڻين، مَنَ ڪوھِيارو ڪُوڪَ سُڻي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 10 ]

لَڏِئو لَطِيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ پِئا،
ھَٿان حَبِيبَنِ، ڪَڏِھِين ڪونَہ ڏُکوئِيو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 6 ]

کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا،
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]

پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ،
تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ تَمامُ،
راھَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 19 ]

ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ نَہ نِھارِئو جوڳِيين،
ھُئا ڪُويساھا ڪاپَڙِي، ٿي پُرئا پَراھين پَنڌِ،
ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ، ھُو ھُونئَن ئِي ٿي ھِنگِلاجِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 17 ]