نِھايَتَ جي سنڌي معنيٰ
انتھا، پڇاڙي، آخر، حد، پڄاڻي، ڇيھ، انت، توڙ، ڇيڙو، انجام، غايت، ڀيڻي. تمام، بي اِنتھا، تمام گهڻو، خوب، ڏاڍو، اتينت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ultimate, at the end, end, climax, wholesome.
نِھايَتَ جا بيتن ۾ حوالا
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي وِئا،
سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا،
وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 13 ]
سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا،
وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 13 ]
لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو،
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ سُئِي نَہ ٻُڌِي،
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ،
وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 9 ]
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ،
وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 9 ]
توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھايَتَ،
اَعرافِ اَباڻَنِ کي، فاتِحَه ۾ فَرَحَتَ،
لُقمانِ جاءِ لَطِيفُ چئَي، سَجدَہ ساڻُ صِحَتَ،
نساءِ نُورِ نِيَتَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 22 ]
اَعرافِ اَباڻَنِ کي، فاتِحَه ۾ فَرَحَتَ،
لُقمانِ جاءِ لَطِيفُ چئَي، سَجدَہ ساڻُ صِحَتَ،
نساءِ نُورِ نِيَتَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 22 ]
مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ پَئِي،
سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَھِي،
وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 24 ]
سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَھِي،
وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 24 ]
English Meaning
Ultimate, at the end, end, climax, wholesome.