مُيسِرُ جي سنڌي معنيٰ
آسان ڪيل. آسانيءَ سان هٿ لڳندڙ (شيءِ)، ممڪن الحصول، ملڻ جھڙو، لڀندڙ. حاصل ، حاضر، موجود، هٿ وَسيڪو. تيار.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Available, on hand, easy to access.
مُيسِرُ جا بيتن ۾ حوالا
جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]

توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھارِينِ،
قُل يا قَد سَمِع جاثِيه، هِنيون دُخانِ پاسِ ڌَرِينِ،
تَبارَڪ تَبَتِ اِذا جا اِذا زُلزِلَتِ، سين اورِينِ،
جيڪِي پَنوَهارِيُون پَرَهِينِ، سو مُيسِرُ آھِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 21 ]