مَسُ جي سنڌي معنيٰ
اکرن لکڻ جي پاڻيٺ، سياهي، روشنائي. مس رکڻ جي شيشي، مَسڪُپڙي، ڪُپي، دوات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An ink bottle. Ink.
مَسُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ،
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين،
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]
جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا سَوار سازَ کَڻِي،
تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ،
تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ لَنگهَہ ڪِي ڇَڏِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 45 ]
تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ،
تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ لَنگهَہ ڪِي ڇَڏِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 45 ]
اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ،
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ،
جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ،
مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 9 ]
جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ،
مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 9 ]
English Meaning
An ink bottle. Ink.