مَتِ جي سنڌي معنيٰ
سمجهہ، فھم، عقل، ھوش، صلاح
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sense, Opinion, understanding, wit, counsel
مَتِ جا بيتن ۾ حوالا
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
ڪَلاڙَنِئون ڪا، مَتِ نَہ سِکِيين مُون ھِنيان،
رُوندي راتِ وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 19 ]
رُوندي راتِ وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 19 ]
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي اَھُکِيءَ ڀَتِ،
ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينھَن سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 16 ]
ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينھَن سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 16 ]
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ،
ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 25 ]
ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 25 ]
ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ،
ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ،
ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 17 ]
ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ،
ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 17 ]
ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ،
جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 14 ]
جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 14 ]
سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو،
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]
English Meaning
Sense, Opinion, understanding, wit, counsel