سِرِ جي سنڌي معنيٰ
سامهون، سري، روبرو، منڍي، منھن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Face, head
سِرِ جا بيتن ۾ حوالا
کُوھَنِ سِرِ وانئُٽِيُون، وانئُٽِيَنِ سِرِ گَهنڊَ،
کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِي آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 21 ]
کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِي آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 21 ]
ڄارِيُون کارِيُون ڇَڄ ڇِپِرِيُون، جَنِ جِي مَحَبتَ مَڇِيءَ ساڻُ،
رَھَنِ وِھَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀَڪا بَدِبُوءِ ھاڻِ،
لُڌِڙَنِ جِيئَن لَطِيفُ چئَي، پاڻِيءَ وِجَهنِ پاڻُ،
تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِرِ ڪِئو پانھِنجِي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 17 ]
رَھَنِ وِھَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀَڪا بَدِبُوءِ ھاڻِ،
لُڌِڙَنِ جِيئَن لَطِيفُ چئَي، پاڻِيءَ وِجَهنِ پاڻُ،
تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِرِ ڪِئو پانھِنجِي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 17 ]
ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون،
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو،
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]
سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جٖي، ساھَڙُ ڏانِي تَنِ جو،
لَهرِنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، ڪُلَهنِ چاڙِھِئو نِئي،
جٖي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي اوڏو ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 15 ]
لَهرِنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، ڪُلَهنِ چاڙِھِئو نِئي،
جٖي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي اوڏو ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 15 ]
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
English Meaning
Face, head