خَرِيدَ جي سنڌي معنيٰ
مُلهہ ڏيئي ڪا شيءِ وٺڻ جي حالت، ڳِنهپ، خريدي، سودو، وڻج. اگهہ، مُلهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Purchasing, buying.
خَرِيدَ جا بيتن ۾ حوالا
ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]
اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانِهي عِيدَ اَکِيُنِ ري،
خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ڳِنِهئون وَڃَنِ پاڻَ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 6 ]
خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ڳِنِهئون وَڃَنِ پاڻَ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 6 ]
جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو جٖي مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 11 ]
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو جٖي مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 11 ]
هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو ناھِ جو ٻِئَنِ ڏِيان،
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 26 ]
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 26 ]
English Meaning
Purchasing, buying.