جِيئان جي سنڌي معنيٰ
جيئري / جيئرو رھان، زندھ رھان، تڳان، حيات ھجان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Live, in life, exist.
جِيئان جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

ھِنَ سُڻاڻِيءَ کان سُومَرا، ناحَقُ ٿِي جِيئان،
موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان،
جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 9 ]
موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان،
جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 9 ]
پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان،
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان،
جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 7 ]
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان،
جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 7 ]
ھاڻِ جِيئان جيڏِيُون، زُلفَ زافُ ڪِياسِ،
ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀورَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 5 ]
ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀورَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 5 ]
مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين ھورُ لَھي
ساڄَنَ آھِنجي سُورِ، ڪِينَ جِيئان ٿِي ڪيچِيا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 5 ]
ساڄَنَ آھِنجي سُورِ، ڪِينَ جِيئان ٿِي ڪيچِيا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 5 ]
نَڪِي ٿِي جِيئان، نَڪِي مُئِي آھِيان،
ساڄَنَ ساھُ ڏِيان، توکي سارِئو سُپِرِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 2 ]
ساڄَنَ ساھُ ڏِيان، توکي سارِئو سُپِرِين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 2 ]
ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون،
جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 28 ]
جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 28 ]
ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارِي، ڪِينَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون،
مادَرِ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري،
مُيُون جو ماري، سو مان گُوندَرُ گَڏِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 29 ]
مادَرِ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري،
مُيُون جو ماري، سو مان گُوندَرُ گَڏِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 29 ]
ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو،
پَٻُ پارَسَ ھوتَ پُنهونءَ، سَڀَيئِي سونُ ڪِئو،
سُرَھو ساٿُ سَيِّدَ جو، واسي وِندُر وِئو،
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، اِي قَضا ڪَمُ ڪِئو،
آھي عَبدِالْلَطِيفَ جو، سَڌَرَ ساڻُ سِهو.
[ سُر حسيني، وايون، 17 ]

ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي مُنھِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
English Meaning
Live, in life, exist.