جَهلِ جي سنڌي معنيٰ
روڪِ، بيھار، رنڊڪ وجهہ، مُڙُ، بند ڪر، پلِ (جهلڻ جو امر)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Stop, brake, pull
جَهلِ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]

جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ،
اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ آھِ اُونداھہ،
جِتِ مانگَر مَڇَ مِڙِيا، اُتِ گوشي جَهلِ غُراب کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 2 ]

سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 11 ]

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪيچَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 24 ]

روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين،
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون،
ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان تان وَٽِ مُون،
عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي، ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون،
سَڀَ رَڱيِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِھيِن، مادَرِ مَٿان مُون،
ھِتي ھُتي لَطِيفُ چئَي، سَدا آھِين تُون.
[ سُر حسيني، وايون، 22 ]

”آئُون“ اورِيان جَهلِ تُون، ڇَڏِيَمِ پاڻَ پَچارَ،
شِرڪَ ساڻُ سَتارَ، گَهڻا گهارِيَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 6 ]

ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،
”آئُون“ اورِيان جَهلِ، ”تو“ کي رَسي ”تُون“ ”ڌَڻِي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 7 ]

اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، عُمَرَ آئُون اَڪاڄَ،
سُومَرا سَڪاڄَ، جَهلِ مَ بَندِ جِهڄَندِيُون.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 15 ]