جهيڙو جي سنڌي معنيٰ
جهڳڙو، ٻِتاڙُ، ويڙِهِ، مانڌاڻُ، مقابلو، معاملو، فساد، جنگ، دنگو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Quarrel, dispute.
جهيڙو جا بيتن ۾ حوالا
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا،
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ،
جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون آھِينِ،
جهُڙ ڦُڙِ نَہ لاھِين، وَسَنِ، سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 15 ]