اُونُهون جي سنڌي معنيٰ
وڏو پاڻي، عميق، اَٿاھُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deep, profound.
اُونُهون جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي،
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي وَحدَتَ ويھُ،
اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ،
ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ، تَہ ويٺيئي وِيرُناٿُ ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 16 ]

ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھورِ،
اُونُهون جو اَڇو وَھي، گِهڙِي تِئائِين گهورِ،
ڏَنِيُون ھَڏِ مَ ڏورِ، گهورِئو گُپُ گَسَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 25 ]