اَگَهنِ جي سنڌي معنيٰ
بيمارن، عليلن، غيرصحتمندن، ڪمزورن، نٻلن، ھيڻن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ill, sick, weak, unhealthy.
اَگَهنِ جا بيتن ۾ حوالا
آھي گهَڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طَبِيبَنِ،
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 5 ]
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 5 ]
اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
English Meaning
Ill, sick, weak, unhealthy.