اَنُ جي سنڌي معنيٰ
اَناج، جوئر، ٻاجهري، ڪڻڪ وغيرہ جا ڪڻا، غلہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cereal, grains of wheat, barley or else which can be edible.
اَنُ جا بيتن ۾ حوالا
سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي،
ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي،
ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 18 ]

مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا پُڇَنِ اَنُ،
تَنِ ڪاپَڙِيَنِ ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 14 ]

چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ،
جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ،
پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون مانِيءَ ڪَنُ،
تازو ڀانيان تَنُ، سَؤُ ڀيرا ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 16 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ،
اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ،
لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ،
سَدائِين، سَيِّدُ چئَي، اَنُ نَہ چَکِئو اُنِ،
عُمَرَ بَندِياڻنِ، لاهي لوھَ نَہ ڇَڏِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 11 ]